اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمُورا قيمتي غيرملڪي تحفا ??اتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم ها??وس ۾ رکيا وڃن ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم ها??وس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪا??ي ذريعن م??جب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مثال ۽ وزيراعظم ها??وس ۾ هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرملڪي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم ها??وس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته غيرملڪي تحفا ??وام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو و??ي ته جيئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم ها??وس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪا??ي ذريعن م??جب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا ??رڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيمتي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪا??ي ذريعن م??جب نار رياستن پاران وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت سمورا وڏي قيمت وارا تحفا ??وشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن م??جب شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا غيرملڪي تحفا ??وشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.