اسلام آباد – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي پهچائيندڙ ڪ??پنين جي چيف ايگزيڪيوٽوز کي پنهنجي شهرن ۾ موجود رهڻ ۽ پنهنجي نالن ۽ نمبرز سان عوام جي سهولت ۽ شڪايتن جي ازالي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري ??ان واپس اسلام آباد پهچندي ئي سڄي ملڪ ۾ بجلي، رستن ۽ مواصلاتي نظام بابت ايف ڊبليو او ۽ ٻين ادارن جو نقصانن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي تي جاري ڪم جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ايف ڊبليو او ۽ لاڳاپيل وزارتن جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ک?? تازي صورتح??ل ۽ جاري ??حالي جي ڪم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو پيو وڃي.