اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ 30 لک افغان پ??اهگيرن کانپوءِ روهنگيا واسين جو انگ به 4 لک تائين پ??چي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان پ??اهگيرن جي پراڻي صورتحال ??ي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هن وقت به 30 لک کان وڌيڪ افغانين جي ميزباني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پ??اهگيرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ بيان ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ ساٿ ڏين، بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پ??اهگيرن جي عالمي ڏينهن جي ياد ۾ عالمي برادري سان گڏ آهي، ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان سڄي دنيا ۾ پناهگيرن سان پ??هنجي يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا، اهو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته اسان جبري لڏپلاڻ جي محرڪن تي غور ڪريون ?? تڪرارن جي روڪٿام ۽ انهن جي حل سميت پناهگيرن جي هالتن لاءِ پائيدار حل ڳولڻ لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو ڏينهن عالمي بار ۽ ذميداري جي سهڪار جي اصول تحت پناهگيرن جي تحفظ لاءِ اسان جي اجتماعي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ جو به موقعو آهي، بيان موجب پاڪستان چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ ڊگهي ترين پ??اهگيرن جي حالتن ۾ هڪ جي ذميداري پنهنجي ڪلهن تي کنئي آهي، پاڪستان 30 لک کان وڌيڪ افغان پ??اهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي جڏهن ته 4 لک روهنگيا واسين به پاڪستان ۾ پناهه حاصل ڪئي آهي، بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيئن جيئن سڄي دنيا ۾ نيون حالتون اڀري رهيون آهن عالمي برادري کي افغان پ??اهگيرن جي پراڻي صورتحال ??ي فراموش نه ڪرڻ گهرجي، ڪووڊ سان جڙيل سماجي، اقتصادي ۽ صحت جي چئلينجن جي ڏس ۾ نئين عالمي عزم جي ضرورت آهي، افغان پ??اهگيرن لاءِ باقاعده، متوقع ۽ مناسب مالي امداد جي ذريعي انهن جي محفوظ ۽ باوقار واپسي جي ضرورت آهي، پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چيو ته افغان جي استحڪام ۽ پائيدار سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ضروري قدم کڻڻ اهم آهي ته جيئن مستقبل ۾ پناهگيرن جي مل?? مان نڪرڻ جي امڪانن کي روڪي سگهجي، پاڪستان ان ڏينهن جي مناسبت سان گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري يو اين ايڇ سي آر کي سڄي دنيا ۾ پناهگيرن ۽ ميزبان برادري جي حمايت جي واکاڻ جوڳي ڪم تي خراج تحسين پ??ش ڪندي چيو ته پاڪستان يو اين ايڇ سي آر سان پ??هنجي قابل قدر سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو منتظر آهي، اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو سڄي دنيا ۾ پناهگيرن لاءِ پائيدار هل لاءِ ان جي ڪوششن ۾ تنظيم جو ساٿ ڏي.