اسلام آباد – 14 – مئي (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مري?? اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس پارٽي مسيحي برادري جي مذهبي جذبن جو احترام ڪري، نالائق، نااهل، فاشٽ، ڪرپٽ ۽ چورن کي عوام جلسي لاءِ جڳهه نٿي ڏيڻ چاهي ته ان ۾ حڪومت ڪٿان اچي وئي؟ جيڪڏهن عوام کين جلسي لاءِ نجي ملڪيتي جڳهه ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ته ان ۾ گهرو وزير رانا ثناءُ الله جو ڪهڙو قصور آهي، عمر??ن نيازي چاهي ٿو ته رانا ثناءُ الله زور زبردستي نجي ملڪيت تي جلسي جو بندوبست ڪرائي، عوام عمران خان جي غلام نه آهي، حڪومت قانون تحت اها جاءِ عمر??ن نيازي کي جلسي لاءِ نٿي ڏئي سگهي جيڪا نجي ملڪيت آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته مسيحي برادري پنهنجي جڳهه جلسي جي لاءِ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي ڇو ته اها جاءِ عبادت لاءِ مخصوص آهي، مري?? اورنگزيب چيو ته عمران خان مسيحي برادري جو احترام ڪري، غنڊا گردي نه ڪري، هن چيو ته مسيحي برادري سراپا احتجاج آهي، حڪومت انهن جي احتجاج کي نظر انداز نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته عمر??ن نيازي مذهبي منافرت پکيڙي انهي جاءِ تي ڇو جلسو ڪرڻ تي بضد آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي گورنمينٽ مري ڪاليج گرائونڊ ۽ اسپورٽس جمنازيم پسرور تي جلسو ڪرڻ جي تجويز ڇو قبول ناهي؟ ان جو صاف مطلب آهي ته عمر??ن نيازي صرف ڊراما ڪرڻ چاهي ٿو، ان جو مقصد صرف تماشو لڳائڻ آهي، هن چيو ته ??سل?? ۽ غير ??سل?? مذهبي اڳواڻ عمر??ن نيازي کي سمجهائين ته مسيحي برادري جي جذبن جو احترام ڪري.