اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گوجرانوالا ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو ??هي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عورتن سميت فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪ??يو?? ٿا. ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪوم?? کي سڌارن جي هدايت ڪ??يو?? ٿا. بهتر رستن جي تعمير ۽ انتظامي قدمن سان حادثن کي گهٽ ڪرڻ جي پروگرام تي عمل ڪنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام، وارثن کي صبر جميل ڏي، هن زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.