اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان بنا ??نه?? سبب جي ڪڍيل مستحق ماڻهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي، ان لاءِ طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت ج?? خاتمي واري وفاقي وزير شازيه عطا م??ي سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي وزارت ج?? حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي بلوچستان جي دوري دوران مستحق ماڻهن جي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شموليت ۽ شاگردن جي تعليم کي يقيني بڻائڻ لاءِ وظيفا ۽ والدين کي امداد جي اعلان تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان گذريل حڪومت پاران بنا ??نه?? تحقيق جي ڪڍيل 8 لک 20 هزار ماڻهن لاءِ اپيل جي مجوزه طريقيڪار تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان ڪڍيل ماڻهن جي ٻيهر شموليت لاءِ اپيل جو طريقيڪار جوڙڻ خوش آئنده آهي، هن هدايت ڪئي ته اهڙا م??تحق ماڻهو جيڪي بنا ??نه?? سبب جي ڪڍيا ويا، انهن جي شموليت يقيني بڻائي وڃي.