اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪ??ال??جي ??ي ميدان ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ صلاحيت رکي ٿو، ٽيڪ??ال??جي ??و استعمال انسانيت جي ??رقي لاءِ ٿيڻ گهرجي، ڀارت پاران ميزائل پاڪستان اچڻ انتهائي غيرذميداراڻو فعل آهي، غيرذميداراڻا قدم ڪنهن به وڏي تباهي جو سبب بڻجي ??گهن ٿا، اسان جي پهرين ترجيح ملڪي دفاع کي مستحڪم بڻائڻ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپيس اينڊ اپر ايٽموسفيئر ريسرچ ڪميشن اسپارڪو جي ??هتمام هيٺ ”عالمي اسپيس ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اسپارڪو جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم، خلائي تحقيق جا سائنسدان، غير ملڪي نمائندن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ??ئي. صدر چيو ته اسان خلا جو پرامن استعمال چاهيون ٿا، پاڪستان کي پنهنجو سيٽلائيز ٺاهڻا آهن ۽ اسان کي پاڻ ڀاڙڻ جي منزل حاصل ڪرڻي پوندي، هن چيو ته پاڪستاني قوم مضبوط عزم رکندڙ آهي ۽ هو ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻڻ جي ??لاحيت رکي ٿي. اعليٰ اخلاقي قدرن ۽ علم جي ??نياد تي اسان ڪاميابي حاصل ڪري سگهون ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ترقي جو عمل انسانيت جي فلاح آهي، نه وري تباهي لاءِ استعمال ٿيڻ گهرجي، دنيا توانائي جي قابل تجديد ذريعن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته بهترين اخلاقي قدرن جي ??امل قيادت ئي قوم جي ??هنمائي ڪري سگهي ٿي، صدر م??حولياتي تبديلي جو ذڪر ڪندي چيو ته اوزون جي ??هه ۾ گهٽتائي کي روڪڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي، سيٽلائيٽ ٽيلي ميٽري سان پاڻي جي وهڪري ۽ مقدار کي جانچي سگهجي ٿو، هن چيو ته دنيا معاشي لحاظ کان مضبوط ملڪ جي ڳالهه ٻڌندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪانفرنس ۾ شريڪ غير ملڪي نمائندن جو پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان خلائي ٽيڪ??ال??جي کي پرامن مقصدن لاءِ استعمال ڪندو. ڪجهه ملڪ سيٽلائيٽ تباهه ڪرڻ جا تجربا ڪيا آهن، صدر چيو ته حڪومت سائنس ۽ ٽيڪ??ال??جي ??ي شعبي خاص طور تي خلائي تحقيق کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، صدارت جو منصب سنڀالڻ کانپوءِ اسپارڪو جو دورو ڪيو ۽ مختلف وزارتن کي اسپارڪ سان ڳنڍي ڇڏيو. خلا ۾ سيٽلائيٽ موڪلڻ لاءِ اسپارڪو جي ??وصلا افزائي ڪري رهيا آهيون. روس کانپوءِ پاڪستان پهريون ايشيائي ملڪ هو جنهن ماضي ۾ سيٽلائيٽ خلا ۾ موڪليو هو، داڪٽر عارف علوي چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ 1974ع ۾ ايٽمي تجربو جنهن تي اسان جي ??ائنسدانن 7 سالن ۾ ڊيٽرينس تيار ڪيو، صدر چيو ته ملڪ جي ??رقي لاءِ خلائي تحقيق ۽ انفارميشن ٽيڪ??ال??جي کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت آهي، پاڪستان جي ??لائي تحقيق جي ??عبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اڻٽر آهي. ان کان اڳ اسپارڪو جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر نديم به تقريب کي خطاب ڪيو. هن ڪانفرنس ۾ صدر جي ??رڪت تي ان جو ٿورو ادا ڪيو.