اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اقتصادي رابطا ڪميٽي ( اي سي سي) چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي ??هچندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته اي سي سي چين کان ڏيڍ لک ٽن ڀاڻ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. 50 هزار ٽن ڀاڻ جو پهريون جهاز 10 فيبروري تي ??هچندو. جنوري کان 6 لک ٽن مقامي ڀاڻ به مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿي ويندو. عالمي منڊي ۾ تمام گهڻي قيمت جي باوجود اسان جي آبادگار?? کي ڀاڻ جي کوٽ کي منهن نه ڏيڻو پوندو.