اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت جي سي????ئر عملدارن سان گڏ پارليامينٽ هائوس جو دورو ڪيو. اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ، پرڏيهي وزارت جو ترجمان عاصم افتخار ۽ ٻيا سي????ئر آفيسر پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي وزارت جي سي????ئر عملدارن پرڏيهي وزير کي پارليامينٽ ۾ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعم??لي اجلاس جي حوالي سان ڪيل انتظامن بابت تفيلي بريفنگ ڏني. پرڏيهي وزير ڪانفرنس هال، وفدن جي سهولت لاءِ ٺاهيل ڪائونٽرز، ميڊيڪل سي??ٽر، ميڊيا سي??ٽر ۽ مختلف ميٽنگ رومز ڏٺا ۽ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعم??لي اجلاس جي ميزباني کي تمام وڏو اعزاز سمجهون ٿا. وزيراعظم عمران خان جي خاص هدايت تي مهمان پرڏيهي وزيرن ۽ ٻين وفدن جي سهولت لاءِ هر ممڪن انتظامن کي يقي??ي بڻايو ويو آهي.