اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ۽ محمد زبير جا بيان ?? ليگ جي اندر ويڇن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي، خاندانن ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي آهي، ?? ليگ ۾ هاڻي نئين قيادت سامهون اچي ويندي جيڪا سٺي ڳالهه آهي، پيپلزپارٽي کي به زرداري کان اڳتي نڪرڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن مهيني خيبرپختونخوا ۽ ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ پنجاب ۾ طاقتور مقامي حڪومتن جي چونڊ حڪومت جو اعتماد ظاهر ڪن ٿ??، پيپلزپارٽي ۽ ?? ليگ خيبرپختونخوا ۾ اميدوار به بيهاري نه سگهيا، اها ئي حالت پنجاب ۾ هوندي، هن چيو ته صرف هڪ ٻه ٽي وي چئن?? انهن جي عملي طور تي مرده سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.