اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي علائقائي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز جو اجلاس ڪراچي ۾ منعقد ٿيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان مو??ب ملاقات دوران صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ترقياتي اسڪيمن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس جي دوران ڳالهائيندي سنڌ ح??ومت تي زور ڏنو ته هو وفاقي حڪومت جي سمورن سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اسڪيمن سميت ڪامياب پاڪستان، احساس ڪارڊ، احساس راشن رعايت پروگرام، صحت ڪارڊ ۽ آبادگار ڪارڊ ۾ ڀرپور حصو وٺي. هن چيو ته رڳو سياسي سببن جي بنياد تي سنڌ صوبي جي عو??م کي وفاقي حڪومت جي ترقياتي اسڪيمن جي ثمر?? کان محروم نٿو رکي سگهجي، وفاقي حڪومت جا سمورا منصوبا عوامي فلاح جي لاءِ آهن.