اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن ??ار?? تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن ??ار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت ??ار?? وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترقي ??ار?? وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن ??ار?? صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني معاملن ??ار?? مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئي. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??ار?? وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئي آهي.