اسلام آباد / پشاور – 04 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪو??ت جي ڪامياب جوان پروگرام ۽ انصاف روزگار اسڪيم جهڙين قرض اسڪيمن سان عوام خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن کي فائدو کڻڻ جي لاءِ انهن جي رهنمائي جي ضرورت آهي، صوبائي حڪومتون چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري س??ن گڏجي نوجوانن ۾ حڪو??ت جي قرض اسڪيمن بابت شعور اجاگر ڪن ته جيئن نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ س??ن گڏوگڏ انهن کي پنهنجو ڪاروبار قائم ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ خيبرپختونخواهه حڪو??ت جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ دوران ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن ۽ خيبرپختونخواهه حڪو??ت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته سيڙپڪارن کي راغب ڪرڻ جي لاءِ صوبن ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي جي ترقي سان صوبي جي ماڻهن جي ترقي ۽ مقامي آبادي کي روزگار جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان ماڻهن کي فوري ۽ سستو انصاف فراهم ڪري سگهبو، تڪرارن جي متبادل حل جي نظام سان اڳوڻي فاٽا ضلعن ۾ عدليه تي بار گهٽ ڪرڻ ۾ مددملندي. صدر کي بريفنگ ۾ آگاهه ڪيو ويو ته خيبرپختونخواهه حڪومت اڳوڻي فاٽا جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي ترقي ۽ بهتري تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اڳوڻي فاٽا ضلعن جو خيبرپختونخواهه ۾ ا??تظ??مي انضمام مڪمل ٿي چڪو آهي، ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 491 ارب رپيا ماليت جا 901 منصوبا منظور ڪيا ويا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ضم ٿيل ضلعن ۾ تعليم، صحت، رستن، توانائي ۽ ا??تظ??مي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي ۽ کيس آگاهه ڪيو ويو ته صوبي ۾ جاري سمورا ترقياتي منصوبا مقرر وقت موجب مڪمل ٿي ويندا. صدر خيبرپختونخواهه حڪو??ت جي ٽي سالا ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ ضم ٿيل ضلعن جي مسئلن جي حل لاءِ مشاورتي سيشن باقاعده منعقد ڪرڻ ت?? صوبائي حڪومت کي ساراهيو. هن معياري صحت سهولتن جي فراهمي جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ جي سهولت ضم ٿيل ضلعن تائين وڌائڻ ت?? اطمينان جو اظهار ڪيو.