اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته پاڪست??ن بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپا موجود آهن، پاڪست??ن بحرين سان واپار، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار بحرين جي سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، خطي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ??ي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته پاڪست??ن بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پارلياماني سطح تي خوشگوار لاڳاپا موجود آهن، پاڪست??ن بحرين سان واپار، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڏٺو ويندڙ موقعن جي ??يٽ ۾ ٻطرفي واپاري ماپو گهٽ آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ماپي کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي ??يمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ را??طن ۾ فروغ ضروري آهي،. بحرين جي نمائندن جي ??ائونسل جي اسپيڪر جو نومبر ۾ متوقع دورو پاڪستان پارلياماني را??طن جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. اسد قيصر چيو ته پاڪستان ۾ بهترين هنرمند افرادي قوت موجود آهي، بحرين پاڪستان سان هنرمند افرادي قوت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. ان موقعي تي بحرين جي سفير چيو ته بحرين پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، بحرين اقتصادي ۽ عوامي سطح تي را??طن کي فروغ ڏئي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو، هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي قيام جي لاءِ پاڪستان جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، بحرين ۾ رهندڙ پاڪستاني بحرين جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. محمد ابراهيم محمد عبدالقادر چيو ته بحرين پاڪستان سان وڌيڪ ه??رمندي افرادي قوت درآمد ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي رکي ٿو.