اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ??رد??نه بٽ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته ??رد??نه بٽ اهڙي شاندار صلاحيتن واري فن??ار هئي جنهن کان ٻيا ادا??ار به سکندا هئا. پنهنجي پرڪشش شخصيت کانسواءِ هن پنهنجي فنڪاراڻي قابليت سان عوام کان بي پناهه محبت ۽ داد وصول ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سندس لاڏاڻو شوبز انڊسٽري لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه جا درجا بلند فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.