اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماج تحفط ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مد??گار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ڪريانه اسٽورن جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مد?? ملندي پر ٽارگيٽ سبسڊيز ڏيڻ ۾ به مد?? ملندي، ايندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ 28 ضلعن کي بنا وياج قرض پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو، احساس تحفظ پروگرام کي سگهه ڏني ويندي، موجوده بجيٽ ۾ صنعت، ڪاروبار ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. سينيٽ ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ??ٺن??ي ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته بجيٽ ۾ حڪومتي ترجيحن جو تعين ڪيو ويو آهي، معاشي سرگرمين جو فروغ ۽ عوام جي مشڪلاتن جو ازالو حڪومت جي اولين ترج??ح آهي، ان بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ڪو به تيڪ?? نه لڳايو ويو، مزدور جي گهٽ کان گهٽ پگهار 20 هزار روپيا مقرر ??يو ويو آهي، 260 ارب روپيا احساس پروگرام لاءِ مختص ڪيا ويا آهن، هن چيو ته خصوصي اقتصادي زونز تي ٽيڪس ڇوٽ، سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ، ڪيپيٽل گين ٽيڪس ۾ گهٽتائي، ٽيلي ڪام ٽيڪس ۾ گهٽتائي ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ صنعتن جي ڪچي مال تي ڇوٽ ڏني وئي آهي، هن چيو ته اليڪٽريڪل وهيڪل ۽ ننڍين گاڏين تي ٽيڪس گهٽ ڪيو ويو آهي، بئنڪنگ ٽرانزيڪشن تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته 2021ع ۾ احساس پروگرام لاءِ 209 ارب روپيا مختص ڪيا ويا هئا جنهن مان 97 سيڪڙو خرچ ٿيا، هلندڙ سال اها رقم وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته هن بجيٽ ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي احساس ايمرجنسي ڪيش جي مد ۾ 12 هزار روپيا امداد ملندي، اهو مرحلو ڊسمبر ۾ مڪمل ڪيو ويندو.