اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تعليم لاءِ ??رق??اتي بجيٽ وڌائڻ لاءِ تجويزون ط??ب ڪندي چيو آهي ته قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ جديد علم جي تدريس نهايت اهم آهي، ان لاءِ عالمي معيار جي ادارن جو قيام بهترين قدم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نالج اڪانومي بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ??رق?? واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف، نالج ٽاسڪ فورس جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر عطاءُ ا??رح??ان ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عطاءُ ا??رح??ان وزيراعظم کي هري پور هزاره ۾ پاڪستان آسٽرين يونيورسٽي آف اپلائيڊ سائنسز اينڊ انجنيئرنگ جي اڍائي سالن جي رڪارڊ مدي ۾ تڪمي?? جي حوالي سان آگاهه ڪيو، منصوبي جي منظوري 2018ع ۾ ٿيڻ کانپوءِ ان جي تڪميل ۽ ڪلاسن جو آغاز سيپٽمبر 2020ع ۾ ٿي چڪو، يونيورسٽي 8 عالمي (3 آسٽرين، 5 چيني) يونيورسٽين سان ڳنڍيل آهي جتي مقامي شاگردن کي اعليٰ تعليمي سهولتون ۽ جديد علم پڙهايو پيو وڃي، ان کانسواءِ وزيراعظم ک?? عالمي سطح تي مستقبل ۾ نهايت اهميت رکندڙ 12 جديد ٽيڪنالاجيز جي تعليم ۽ ترويج لاءِ حڪمت عملي تي به بريف ڪيو ويو.