اسلام آباد – 16 سيپٽمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آه?? ته پاڪستان ۾ سسٽم جي ڪري ٽيلينٽ مٿي نٿو اچي، ڪرڪيٽ جي موجوده نظام کي درست ڪرڻ جي ضرورت آه??، مقابلي جي فضا ۾ بهترين ٽيلينٽ سامهون ايندو آه??، نوجوان رانديگرن کي مٿي اچڻ جي لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن، اسان ٽيلينٽ کي اڳتي آڻڻ واري سسٽم ۽ ڪرڪيٽ جي ڍانچي کي ٺيڪ ڪري وٺون ته پاڪستان ناقابل شڪست بڻجي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۾ نشرياتي حقن جي حوالي سان معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.