اسلام آباد – 21 جول??ءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي روڪٿام جي ل??ءِ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل، دهشتگردي جي خاتمي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ??اب??ه فوجداري قانونن ۾ ترميمن، سنگل ٽريزري بئنڪ اڪائونٽ جي قاعدن ۾ تبديلي ۽ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جي منظوري ڏني وئي. اها ڳالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ ٻڌائي وئي.