اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊ??ڪٽ?? فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته انشاءَ الله ڪشمير بڻجندو پاڪستان جو نعرو حقيقت جو روپ اختيار ڪند??، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي ترجمان، سفير ۽ وڪيل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڪشمير پاڪستان جي شه?? رڳ آهي، ڪشمير کانسواءِ پاڪستان جو وجود اڻ مڪمل آهي. اها ڳالهه هن والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي نيشنل پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتالي ڪئمپ کي خطاب ڪندي چئي.