اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ ج?? گورنر ۽ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آمدني وارن ماڻهن ??ي قرضن جي فراهمي جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به پيش ايندڙ رڪاوٽ کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي، راوي اربن ڊولپمي??ٽ منصوبو لاهور شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين، بئنڪن پاران ڊولپرز، سيڙپڪارن ۽ خاص ڪري گهٽ آمدني وارن ماڻهن ??ي ذاتي گه?? جي تعمي?? جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي ۽ تعميرات بابت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اسٽيٽ بئنڪ ج?? گورنر اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيل مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي سان صرف ڪجهه هفتن ۾ هيست??ئي?? آسان قرضن جي لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيون آهن جنهن مان تقريبن 2 هزا?? جي لڳ ڀڳ (1820) منظور ٿي چڪيون آهن ۽ منظور ٿيل قرض جو ماپو پنج ارب روپيا آهي