اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (??ي ڊي ايم) جي مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته ??ي ڊي ايم جا مطالبا غيرآئيني ۽ غيرجمهوري آهن، مطالبو قبول نه آهي، ڌمڪين سان ڳالهه نه ٿيندي، وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو ۽ نه ئي اسيمبلي تحليل ٿيندي، لاهور جي جلسي ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئي اهي ئي ڳالهيون هو گذريل جلسن ۾ ڪري چڪا آهن، ??ي ڊي ايم ۾ استعيفائن جي معاملي تي ابهام آهي، لانگ ما??چ جي حوالي سان به ??ي ڊي ايم ۾ اتفاق نه آهي، بلاول کي چوان ٿو ته پٽ سياست ۾ دروازا بند ناهن ٿيندا توهان کي اڃا تربيت جي ضرورت آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 13 ڊسمبر کانپوءِ ??ي ڊي ايم ۾ اف??ات??ري پکڙيل آهي ۽ ڪافي مايوسي جو شڪار آهن.