ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ آذربائيجان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت ??خت??ف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام ??ليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان سان تعاون ۽ يڪجهتي سان گڏوگڏ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ دل کولي مالي امداد جي فراهمي تي آذربائيجان جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان کي درپيش هي قدرتي آفت ماحولياتي تبديلين جي ڪري آهي، هن عالمي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري ف??ري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ مثالي لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. وزيراعظم نگورنو ڪاراباخ تي پاڪستان پاران آذربائيجان جي اصولي حمايت کي ورجائيندي ان جي والاريل علائقن کي آزاد ڪرائڻ ۾ تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آرمي??يا جي اشتعال انگيز حملي ۾ 70 آذري فوجين جي تازي شهادت تي پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عالمي قانون موجب ۽ ان جي علائقائي سالميت جي تحفظ ۾ آذربائيجان جي پنهنجي دفاع جي حق جي حمايت کي ورجايو. پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو وٺندي ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، توانائي، دفاع، تعليم ۽ عوام ??ان عوام ??ي سطح تي رابطن سميت ??خت??ف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صلاحيت کي سگهه ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر کي پاڪستان جي د??ري جي دعوت ڏني. صدر الهام ??ليوف وزيراعظم کي جلد آذربائيجان جي د??ري جي دعوت پڻ ڏني.