ڊيره غازي خان – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحي?? ۾ ??ضافي جي ??اءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيا??ن جو اظهار ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جي ??وقعي تي ڊيره غازي خان ضلعي انتظاميا پاران ڏيندڙ بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊيره غازي خان ۾ 3 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي بيٺل فصل، قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ۽ هزارين عمارتن کي پهچندڙ نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر چيو ته ماڻهن جي جان ۽ مال، چوپائي مال، گهرن ۽ فصلن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻوڏ بابت وارننگ سسٽم کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڊيره غازي خان ۾ جابلو ٻوڏ جي ??اڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي ??اءِ ڊيلي ايڪشن ڊيمن جي تعمير تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ٻوڏ تي ضابطو آڻڻ ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحي?? ۾ ??ضافي جي ??اءِ وڏن ڊيمن جي تعمير ضروري آهي. صدر چيو ته حڪومت پاران ٻوڏ متاثرين جي ??قصانن جو جلد ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. فص??ن جي انشورنس ڪرڻ سان آفتن سبب آبادگارن ۽ هارين جي ??قصان کي پورو ڪري سگهجي ??و. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آبادگارن کي فص??ن جي انشورنس ڪرائڻ جي ترغيب ڏني وڃي. ٻوڏ کانپوءِ بيمارين جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۽ صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي.