??وح?? – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پنهنجي قطر جي دوري جي دوران قطر جي امير شيخ تميم بن ح??د الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ??وح?? ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم امير قطر شيخ تميم بن ح??د الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ديوان ويندو. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اميري ديوان ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم اڄ ??وح?? ۾ 974 اس??يڊيم جتي فيفا ورلڊ ڪپ 2023ع ٿيندو جو دورو به ڪندا. وزيراعظم کي اس??يڊيم جي مختلف سيڪشنز ۽ ??هو??تن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي فروغ جي حوالي سان وزيراعظم اڄ قطر بزنس مين ايسوسي ايشن ۽ قطر ايئرويز جي سي او سان به ملاقات ڪندو.