اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وا??ار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، مصنوعات جي وا??ار جي معاهدن سان ٻنهي ملڪن جي لا??ِ نيون راهون کلنديون، ٻ??رفي وا??ار جي فروغ لا??ِ معاهدن تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپاري معاهدي تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. معاهدي تي وا??ار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ ترڪيه جي وا??ار واري وزير مهمت مش صحيحون ڪيون. تقريب ۾ ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ماحوليات واري وفاقي وزير شيري رحمان، سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ۾ هي معاهدو هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري معاهد خوش آئنده آهن، ان تي ڪيترائي سال ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي. مئي ۾ اسان جي ترڪيه جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۽ ترڪيه پاران معاهدن جي لا??ِ ڪوششن کي تيز ڪيو ويو. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي مثالي قيادت ۾ ترڪيه جي وا??ار واري وزير مهمت مش ۽ پاڪستان جي وا??ار واري وزير سيد نويد قمر ۽ ٻنهي ملڪن جي سفيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ اهي معاهدا طئي ٿيا آهن. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ وا??ار جي فروغ جي وسيع گنجائش ۽ صلاحيت موجود آهي ۽ وا??ار جي فروغ جي لا??ِ اسان ڀرپور عزم رکون ٿا. ان معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ جي لا??ِ نيون راهون کلنديون ۽ وا??ار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اسان ان معاهدي تي پوري طرح عملدرآمد کي يقيني بڻايو آهي. تقريب کي خطاب ڪندي وا??ار واري وزير سيد نويد قمر چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ معاهدي تحت ٻئي ملڪ پنهنجي پنهنجي مصنوعات جو وا??ار ڪري سگهندا ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي معيشت مستحڪم ٿيندي. پاڪستان ۽ ترڪيه وا??ار جي لا??ِ مختلف شين تي هڪ ٻئي کي رعايت ڏني آهي. اسان پنهنجي ٻطرفي وا??ار جو ماپو 5 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جا خواهشمند آهيون. ان معاهدي سان اسان کي پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري طبقا ان مان فائديمند ٿيندا. ترڪيه جي وا??ار واري وزير مهمت مش چي?? ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي ڊگهي عرصي کان گڏيل وا??ار جي فروغ لا??ِ ان معاهدي جي ضرورت هئي. مئي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي دوري دوران ان تي ڪم تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ان معاهدي سان پنهنجو ٻطرفو وا??ار 5 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهنداسين. وا??ار جو فروغ هڪ مسلسل عمل آهي، جنهن جي لا??ِ اسان کي گڏجي چئلينجن تي ضابطو آڻڻو آهي.