اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ شديد زلزلي جي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ب??ان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي سامان روانو ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي ب??ان ۾ وڌيڪ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران کيپ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ خيما، ڪمبل ۽ هنگ??مي دوائن تي ٻڌل سامان شامل آهي. پاڪستان افعانستان جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 6.1 ش??ت جي زلزلي کان متاثر افغان خاندانن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.