اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڀارت ظالماڻي ۽ ج??براڻي رياستي ڏاڍ سان مسلمانن کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت جو اصل ”جمهوري چهرو“ دنيا جي سامهون ظاهر ٿي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڀارت مسلمانن کي دٻائڻ جي لاءِ ظالماڻا ۽ ج??براڻا رياستي ڏاڍ استعمال ڪ??ي رهيو آهي ۽ ان جو مقصد مسلمانن کي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي لحاظ کان ديوار سان لڳائڻ آهي، هن چيو ته ڀارت جي ???جمهوري چهري“ جي حقيقت دنيا جي سامهون ظاهر ٿي وئي آهي.