اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم اڄ بزنس ڪانف??نس ۾ پاڪستان ??ي معاشي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجو وي??ن ڪاروباري برادري آڏو ??يش ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ بزنس ڪانف??نس کي خطاب ڪندو. بزنس ڪانف??نس ۾ سڄي ملڪ مان ڪاروباري برادري شرڪت ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪاروباري برادري سان ??جيٽ تي اهم مشاورت پڻ ڪندو. هن چيو ته زراعت، فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل، مينوفيڪچرنگ، برآمدات ۽ ٻين شعبن سان ??علق رکندڙ ڪاروباري شخصيتون ڪانف??نس ۾ شرڪت ڪري رهيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪانف??نس ۾ ميثاق معيشت جي لاءِ نيشنل ڊائيلاگ جي شروعات ڪندو. وزيراعظم ڪاروباري شخصيتن کان ??جويزون وٺندو ۽ پنهنجي حڪومت جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته وزيراعظم ڪانف??نس ۾ ملڪ کي در??يش معاشي مسئلن جي حل لاءِ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي وا??ن قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم مالي سال 23 – 2022ع جي لاءِ بجيٽ تجويزون پڻ حاصل ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو وي??ن هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ آهي جتي معيشت وڌي وي??هي، مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي ٿئي، هر پاڪستاني ۽ ملڪ جو هر طبقو ان ۾ حصيدار هجي، جتي غربت ۽ محرومين جو خاتمو ٿئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهي ٿو جتي شهرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حق ميسر هجن، زندگي جي تلخين کان ڇوٽڪارو ملي ۽ انهن کي هڪ بهتر زندگي ملي.