اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون صارفين جي تحفظ لاءِ وڏو قدم کڻندي صارفي?? کي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پاليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ صارفين جي ??يٽا جي رازداري جي قانونن جو فوري جائزو وٺندي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته صارفين جي پرائيويسي شهرين جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪومت ان جي خلاف ورزي جي اجازت نه ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز واري صلاحڪار سلمان صوفي پي ٽي اي چيئرمين کان موبائيل فون صارفين جي ??يٽا جي تحفظ ۽ مارڪيٽرز پاران موڪليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ شهري?? کي ناپسنديده ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي فوري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي صارفي?? کي موڪيل مارڪيٽرز جي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس سان گڏوگڏ شهرين جي رازداري جي قانونن جي فوري جائزي جي هدايتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته شهرين جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراع??م ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراع??م اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ کي ان سلسلي ۾ ٿيندڙ قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا اجازت جي ملندڙ ميسيج موڪليندڙ ڪمپن?? کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آهي، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج موڪليندڙ ڪمپن?? کي ميسيج موڪلڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪمپني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪمپني صارف جي ??يٽا ان جي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپن?? کي نه ڏيڻ جي پابند هوندي.