اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀائر اماراتي عوام جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي ولي عهد ??زي??اعظم پاڪستان کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ??زي??اعظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ولي عهد سان پنهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي عهد جا ٿورا مڃ??ا. ??زي??اعظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ هو يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ??زي??اعظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب امارات جو ??عاشي وفد موڪلڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃ??ا جيڪو ٻنهي ڀائرن عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. ??زي??اعظم ولي عهد کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري عمل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.