اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين مع??ملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ ??يئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي ??چ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي مع??ملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفري??ي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.