اسلام آباد – 26 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ عالمي سطح تي 10 سالن جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي سميت ٻين معاشي چئلينجن جي باوجود پائيدار ترقي جي 5.37 سيڪڙو شرح حڪومت جي ڪامي??بي آهي، هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ روانگي واپار، ٽيڪس وصولي، جنسن جي پيداوار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 35.8 سي??ڙو?? ايف بي آر ٽيڪس وصولي 32.4 سي??ڙو?? اسٽيٽ بئنڪ ريزور 31.8 سي??ڙو?? ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 26 سي??ڙو?? سروسز روانگي واپار 20.4 سي??ڙو?? مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 13.3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، هن چيو ته ڪپهه، ??انور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ مڪئي جي فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان آبادگارن وٽ اربين روپين جي اضافي آمدني ٿي آهي ۽ آبادگا??ن جي خريداري جي سگهه ۾ اضافو ٿيو آهي.