اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي واپاري بورڊ جي ميمبر لارڊ ڊينيئل حنان ملاقات ڪئي، پنجاب ج?? گورنر محمد سرور پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب لارڊ حنان وزيراعظم عمران خان پا??ان ماحولياتي تحفظ جي لاءِ شروع ڪيل قدمن، سرسبز پاڪستان جي لاءِ سن??س ويزن، خاص طور تي 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي، نيشنل پا??ڪس ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ جي لاءِ قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي انهن قدمن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو پيو وڃي، لارڊ ڊينيئل پنجاب جي گورنر محمد سرور جي دعوت تي پاڪستان جي دوري تي آهي.