اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ايئرپورٽ جو دورو ڪيو، پرڏيهي وزير او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ??ي غير معمولي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ مهمانن ۽ وفدن کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو. سفير آفتاب کوکر پرڏيهي وزير کي ايئرپورٽ تي ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ??جلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، پرڏيهي وزير اسٽيٽ لائونچ ۽ مهمانن جي آمد لاءِ ڪائونٽرز جو جائزو ورتو ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ??ي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ معزز مهمانن جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو، پرڏيهي وزارت سول ايوي ايشن ۽ ايئرپورٽ جا سينئر عمل??ار به ان موقعي تي موجود هئا.