اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ ??شر??ات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جهڙن ماڻهن ڪڏهن پن??نج?? پئسن سان خريداري ڪئي هجي ته کين خبر هجي ته مهانگائي ڇا کي چوندا آهن، پوري دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ان حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي الي??شن ۾ ن ليگ آخري نمبر تي آهي، ان تي ندامت ٿيڻ گهرجي. مريم صفدر جي بيان ۾ پن??نج?? رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪي پي ڪي بلدياتي الي??شن ۾ پي ٽ?? آءِ کي هڪ هڪ سيٽ تي درجنين پارٽي ڪارڪنن جي دلچسپي جون درخواستون مليون، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير وانگر ن ليگ کي ڪي پي ڪي جي بلدياتي الي??شن ۾ عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، هن چيو ته ڪاش مريم صفدر اڄ ڪي پي ڪي جي الي??شن ۾ شڪست کي کلي دل سان تسليم ڪري ها، هن چيو ته عمران خان کي 2018ع جي الي??شن ۾ 5 سالا حڪومت جو مينڊيٽ عوام ڏنو آهي، پن??نج?? مدو مڪمل ايندڙ الي??شن ۾ به ڪلين سوئيپ لاءِ پرعزم آهيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ته عدالتي ڀڳوڙو آهي، همت هجي ها ته ائين علاج جو بهانو بڻائي فرار نه ٿئي ها، ن ليگ تقسيم در تقسيم ٿي چڪي آهي، پهرين پارٽي قيادت جو فيصلو ڪري وٺو، شهباز شريف متحرڪ ٿئي ٿو ته مريم صفدر ٻن مهينن جي آرام تي هلي ويندي آهي.