اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي داخلا جي انگ ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم آفيس موجب وزيراعظم ڊيليوري يونٽ پاران ماهوار انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين جو تع??اد 37 لک کان ٽپي ويو آهي، پنجاب مان 22 لک، خيبرپختونخوا مان 6 لک ۽ سنڌ مان 5 لک شهرين کي پاڪستان سٽيزن پورٽل تي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. بلوچستان مان 51 هزار جڏهن ته وفاق مان 77 هزار شهري رجسٽرڊ ٿيا، وزيراعظم آفيس موجب شهرين پاران پاڪستان سٽيزن پورٽل تي 4.4 ملين شڪايتون درج ڪ??ون و??ون آهن، پاڪستان مان 42 لک ۽ اوورسيز پاڪستانين پاران 2 لک 15 هزار شڪايتون مل??ون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هن وقت تائين 40 لک شڪايتون اڪلا??ون و??ون آهن، پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ڪارڪردگي تي 46 سيڪڙو شهرين اطمينان جو اظهار ڪيو آهي