اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد با??وه جي وچ ۾ نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري لاءِ مشاورت جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين مقرري جو پراسس شروع ٿي چڪو آهي. پنه??جي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر سول ۽ فوجي قيادت ??هو ثابت ڪيو آهي ته ملڪ جي استحڪام سالميت ۽ ترقي لاءِ سڀئي ادارا متحد ۽ هڪ آهن.