اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگيرن ??ابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگيرن ??ابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان دنيا جو واحد ملڪ آهي جنهن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان ??ناهگيرن ??ي ميزباني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان ??ناهگيرن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي افغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان ??کين افغان ??ناهگيرن ??ي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر ??لپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان ??اران ??راهم ڪيل تازي انساني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ آگاهه ڪيو.هن افغانستان ??ان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن ??ي واپسي ۾ پاڪستان ج?? ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگيرن ??ابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان ??ناهگيرن ??ي ميزباني ۽ افغانستان ۾ انساني امداد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.