ملتان – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آه?? ته پاڪستان کي صحيح معنيٰ ۾ فلاحي رياست بنائڻ لا??ِ هر شخص کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. خصوصي ماڻهن تي ڌيان ڏئ?? کين معاشري جو ڪارائتو شهري بڻائي سگهجي ٿو، نيڪ نيتي سان شروع ٿيندڙ ڪم پنهنجي منزل ماڻي وٺندو آهي. چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ ٻارن جي دل جي سرجري جي شروعات ڪري اهم سنگ ميل عبور ڪيو آهي جنهن لا??ِ هتان جي انتظاميه ۽ اين جي او مبارڪن جا حقدار آهن. اهڙو اظهار هن چلڊرين ڪامپليڪس ملتان ۾ سرجري يونٽ جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته منهنجي لا??ِ اڄ خوشيءَ جو ڏينهن آهي جو آئون اڄ اوليائن جي ڌرتيءَ تي موجود آهيان. هتي اين جي او ”تاري زمين پر“ جي سي اِي او فاديه ڪاشف انسانيت جي ڀلائي لا??ِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته آئون معاشري ۾ هاڪاري تبديليون ۽ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سرندي وارن کي به گذارش ڪيان ٿ?? ته اهي به فاديه ڪاشف جهڙن منصوبن تي ڪم شروع ڪن.