اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بزرگ سياستدان سردار عطاءُ الله مينگل جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سردار عطاءُ الله مينگل جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغف??ت فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي صب?? جميل عطا فرمائي.